سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا ڪاڏي ويا؟

ستن سالن دوران وياج جي مد ۾ ملندڙ ڪروڙين رپين جو به رڪارڊ تي ئي ناهي، قم جي ادائگي باوجود ستن سالن باوجود واڌو بلنگ، سمارٽ ميٽرز لڳائڻ ۽ سنڌ حڪومت، سيپڪو ۽ حيسڪو وچ ۾ سرڪاري ادارن کي مهيا ٿيندڙ بجلي جي نظامام ۾ سڌارا آڻڻ، سمارٽ ميٽرز لڳائڻ ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌيڪ رولڙي ۽ ڏکيائن جي ور چڙهي وڃڻ جو انڪشاف. حيسڪو ۽ سيپڪو سنڌ حڪومت کان وصول ڪيل رقم تي به هر سال ڪروڙين رپيا منافعو حاصل ڪرڻ لڳي.

ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) حيسڪو ۽ سيپڪو پاران سنڌ حڪومت جا 127.68 ارب رپيا پاڻ وٽ رکي ڇڏيا، ستن سالن دوران وياج جي مد ۾ ملندڙ ڪروڙين رپين جو به رڪارڊ تي ئي ناهي، قم جي ادائگي باوجود ستن سالن باوجود واڌو بلنگ، سمارٽ ميٽرز لڳائڻ ۽ سنڌ حڪومت، سيپڪو ۽ حيسڪو وچ ۾ سرڪاري ادارن کي مهيا ٿيندڙ بجلي جي نظامام ۾ سڌارا آڻڻ، سمارٽ ميٽرز لڳائڻ ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلا حل ٿيڻ بدران وڌيڪ رولڙي ۽ ڏکيائن جي ور چڙهي وڃڻ جو انڪشاف. حيسڪو ۽ سيپڪو سنڌ حڪومت کان وصول ڪيل رقم تي به هر سال ڪروڙين رپيا منافعو حاصل ڪرڻ لڳي.
حيسڪو ۽ سيپڪو وچ ۾ بجلي جي بلن، نوان سمارٽ ميٽرز لڳائڻ ۽ اضافي بلنگ واري مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اقتصادي رابطا ڪميٽي / اي سي سي جي منظوري باوجود حيسڪو ۽ سيپڪو پنهنجي انتظامي نااهلي ۽ سنڌ حڪومت جي رقم مان وياج جي صورت ۾ ڪروڙين رپيا ڪمائڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي جنهن جي حيسڪو، سيپڪو جي ذريعن به معاملي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن حيسڪو ۽ سيپڪو جي ذميوار ذريعن کان مليل دستاويزي ثبوت مطابق تصديق ڪئي وئي آهي ته سنڌ حڪومت پاران مليل 127.68 ارب رپيا ست سال اڳ وصول ٿي چڪا آهن پر مسئلا جيئن جو تيئن اتي پيل آهن جتي پهرين ڏينهن هئا.

حيسڪو ۽ سيپڪو سنڌ حڪومت کان 127.68 ارب رپيا وصول ڪرڻ باوجود ستن سالن باوجود واڌو بلنگ، سمارٽ ميٽرز لڳائڻ ۽ سنڌ حڪومت، سيپڪو ۽ حيسڪو وچ ۾ سرڪاري ادارن کي مهيا ٿيندڙ بجلي جي نظامام ۾ سڌارا آڻڻ، سمارٽ ميٽرز لڳائڻ ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪرڻ هو.
سنڌ حڪومت، حيسڪو ۽ سيپڪو سميت لاڳاپيل صوبائي ۽ وفاقي ادارن وچ ۾ ٿيل لک پڙهه جي دستاويزن مطابق، سنڌ حڪومت، حيسڪو ۽ سيپڪو وچ ۾ بجلي جي ادائگين جو تڪرار اڄ به حل ٿيڻ بدران وچڙندو پيو وڃي، جنهن جيڪري مجموعي طور 50 ارب رپين کان وڌيڪ تڪراري رقم حالت ۾ موجود آهي، 2016 ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي / اِي سي سي هڪ واضح ۽ حتمي معاهدو منظور ڪيو هو، جنهن تحت 2010 کان 2016 تائين جون سموريون رهتون حتمي قرار ڏنيون ويون، ان معاهدي جو مقصد نه صرف ادائگيون ڪرڻ پر بجلي ۽ ميٽرز/ سپلاءِ نظام ۾ سڌارو آڻڻ به هو.
سنڌسماءَچار کي مليل دستاويزن ۽ لاڳاپيل اختيارين جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، معاهدي تحت بجلي جا سمارٽ ميٽرز لڳائڻ، انفرادي ميٽر لڳائڻ جي ڪم سان گڏ سيپڪو ۽ حسيڪو وچ ۾ بجلي جي بلن (اضافي۽ غير واضح بلنگ) وارو تڪرار هميشه لاءِ ختم ڪرڻ شامل هو.

دستاويزن موجب سال 2019 کان سال 2025 تائين سنڌ حڪومت حيسڪو 21.06 ارب ۽ سيپڪو کي به لڳ ڀڳ 29.26 ارب رپيا ادا ڪيا ويا آهن، اهڙي تڪراري رقم ادا ڪرفڻ باوجود حيسڪو ۽ سيپڪو جون اختياريون مختلف بهانا بڻائي ۽ معاملي کي منجهائي جيئن جو تيئن ئي رکيو ويو آهي. ناڻي کاتي جي هڪي سينيئر آفيسر جو چوڻ آهي ته اها رقم يقينن ڪنهن بئنڪ ۾ رکي وئي هوندي جنهن تي ماهوار/ سالياني منافعي جي مد ۾ ڪروڙين رپيا حاصل ٿيندا هوند جنهن ۾ وفاقي ادارن ۽ سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل اختيارين جي وچ ۾ ڪو نه ڪو تعلق ضرور ٿي سگهي ٿو.
سنڌ حڪو مت جي دستاويزن ۽ مليل ڄاڻ مطابق غير رپورٽ ٿيل ڪنيڪشنز ( واضح يا نشاندهي نه ٿيل ) ڪيترائي سرڪاري ڪنيڪشن سرڪاري رڪارڊ يا لاڳاپي سسٽم ۾ رجسٽرڊ يا تصديق ٿيل نه آهن، پر انهن تي بلنگ جاري آهي.ميٽرنگ سسٽم ۾ ڪمزوري هجڻ سبب حيسڪو وڏي تعداد ۾ انفرادي ميٽر لڳايا ويا آهن، جيڪو عمل اڃا تائين اڻپورو يا نامڪمل آهي، بجلي جي لوڊ فيڪٽر جو استعمال جنهن مطابق0.24 ۽ 0.25 جي لوڊ فيڪٽر سبب اصل استعمال جو حساب وڌيڪ منجهائيندڙ ٿي ويو آهي.
هٿ آيل دستاويزن مطابق انهن مرحلن ۾ تصديق هجڻ يا شڪي ۽ تصديق نه هجڻ ۾ به فرق هجڻ آهي، اهڙي ئي نموني آڊٽ ۾ لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو بلنگ غير تصديق ٿيل قرار ڏني وئي هئي.
اقتصادي رابطا ڪائونسل / اي سي سي جو معاهدو مڪمل طور تي لاڳو نه ٿي سگهيو، 2016 ۾ ٿيل ان معاهدي ۾ واضح ڪيو ويو هو ته هيل تائين سمورين پراڻين رهتن کي حتمي طور ختم سمجهيو وينديو ۽ هاڻي مستقبل ۾ ڪو به تڪرار نه ٿيندو، معاهدي مطابق سمارت ميٽرز سسٽم/اَي ايم آءِ / اي ايم آر وارو نظام باضابطا ۽ مڪمل طور لاڳو ڪيو ويندو. اان باوجود موجوده صورتحال ۾ واضح آهي ته سمارٽ ميٽرن وارو نظاما اڻپورو/نه هجڻ جهڙو آهي،اڪثر ڪنيڪشنز جي ٻيهر نظرثاني/ريڪنسليئيشن وارو عمل جاري آهي.
سنڌسماءَچار