اٺاويهين ترميم، ن ليگ ۽ پ پ جا صلاح مشورا، آصف زرداري اڳواڻن کي لنڊن سڏائي ورتو


ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ-رپورٽ اصغر آزاد) 28 هين آئيني ترميم آڻڻ جون تيزيءَ سان جاري آهن، ترميم آڻڻ لاءِ حڪمران پارٽي ن ليگ ۽ سندس اتحادي پيپلز پارٽي وچ ۾ اعليٰ سطح تي ڳالهيون جاري، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي لنڊن ۾ صدر آصف زرداري سان ملاقات، آصف زرداري به پارٽي اڳواڻن کي لنڊن سڏائي ورتو آهي. 28هين آئيني ترميم جي سلسلي ۾ حڪومت سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق وزيراعظم شهباز شريف جي خاص هدايتن قانون وارو وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ لنڊن پهچي صدر آصف زرداريءَ سان ملاقات ڪئي آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اعظم نذير تارڙ صدر آصف زرداري سان 28 هين آئيني ترميم ۽ ان جي ابتدائي مسودي بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر آصف زرداري سان قانون واري وزير جي ملاقات کانپوءِ آصف زرداري پيپلزپارٽيءَ جي اهم اڳواڻن کي لنڊن سڏائي ورتو آهي. رپورٽس مطابق صدر زرداري ۽ اعظم نذير تارڙ وچ ۾ ملاقات کانپوءِ قانون واري وزير، وزيراعظم شهباز شريف سان فون تي رابطو ڪري صدر آصف زرداري سان ڪيل ملاقات بابت رپورٽ ڏني آهي.
ان سلسلي ۾ پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جَي هڪ اڳواڻ سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، “اعظم نذير تارڙ سان ملاقات کانپوءِ صدر آصف زرداري پيپلزپارٽي جي ٻن سينيٽرز، پارٽي جَي سِي اِي سي جي ٽِن اهم ميمبرن ۽ ٻن سينيٽرز سان ڌار ڌار لڳ ڀڳ 20 منٽن کان اڌ ڪلاڪ تائين ڳالهه ٻولهه ڪئي”. هن اهو به ٻڌايو ته، ” آصف صاحب وڏي وزير مراد علي شاهه سان به فون تي رابطو ڪيو آهي، ممڪن آهي ته، وڏو وزير مراد علي شاهه، ٽِي کان پنج اڳوڻ لنڊن به وڃي سگهن ٿا، جتي 28هين ترميم جي حوالي سان آمهون سامهون تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿئي”.
سنڌسماءَچار