سنڌ جو ورهاڱو، وفاقي حڪومت به کُليل نموني سامهون اچي وئي، سنڌ ۾ ٽَي نوان صوبا ٺاهڻ جي تجويز

سنڌ جو ورهاڱو، وفاقي حڪومت به کُليل نموني سامهون اچي وئي، سنڌ ۾ ٽَي نوان صوبا ٺاهڻ جي تجويز

ڪراچي( نيوز ڊيسڪ  سنڌسماءَچار) سنڌ جي ورهاڱي واري معاملي تٿي ڪجهه وقت خاموش رهڻ کانپوءِ حڪومتي پارٽي نواز ليگ به نيٺ کُليل نموني سان ميدان ۾ اچي ويئي آهي، رٿابندي واري وگفاقي وزير احسن اقبال سنڌ کي ٽِن حصن ۾ ورهائي نوان صوبا ٺاهڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. نواز ليگ جي ٿنڪ ٽينڪ جو اهم اڳواڻ سمجهيو ويندڙ ۽ رٿابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال به حڪومت ۽ ن ليگ جي موقف سان گڏ سنڌ ورها.ڻ جي حمايت ڪري ڇڏي آهي، احسن اقبال رحيم يار خان ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ کي ورهائي ٽَي صوبا ٺاهڻ سميت ملڪ ۾ 15 نموان صوبا ٺاهيا وڃن، ملڪ جو موجوده نظام گهربل نتيجا نه پيو ڏي، سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ سياسي اتفاق راءِ اڻٽر آهي، نَوَن صوبن ٺاهڻ لاءِ قومي سطح جي هڪ جائزا ڪميٽي جوڙي قومي ۽ سياسي بحث شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ انتظامي طور سسٽم ۾ توازن جِي ضرورت آهي، بدين کان گهوٽڪي تائين پوري سنڌ ڪراچي، رحيم يار خان کان اٽڪ تائين پورو پنجاب لاهور، ۽ ڊيرا اسماعيل خان کان چترال تائين پورو خيبرپختونخواهه پشاور مان نٿو هلائي سگهجي.

احسن اقبال جو چوڻ هو ته هُو تڪراري ڳالهه نٿو ڪرڻ چاهي، سنڌ اسيمبلي جو استحقاق آهي، اها پنهنجو ٺهراءُ منظور ڪري سگهي ٿي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف انتظامي ڍانچي کي پراڻو ۽ انتظامي يونٽن کي ضروري قرار ڏيندي چيو ته ته سنڌ اسيمبلي پنهنجو ٺهراءُ منظور ڪري سگهي ٿي پر اهو معاملو وفاق جو آهي. وزيراعظم جَي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو ته سنڌ جَي ورهاڱي خلاف موقف پيپلز پارٽي نه پر سنڌ جَي عوام جو آهي، سنڌ اسيمبلي مان جيڪو ٺهراءُ منظور ٿيو اهڙا ٺهراءَ پهريان به منظور ٿي چڪا آهن. وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو ته ايوان ۾ تقريرن دوران قومي اسيمبلي کي غير ضروري طور نشانو بڻايو ويو، جڏهن وقت آيو ته نون ليگ ضرور پوزيشن وٺندي.

About admin

Check Also

ڪراچي صرف سنڌين، بهارين ۽ پٺاڻن جو نه پر سڀني جو آهي: ف ليگ اڳواڻ راشد شاهه راشدي

ڪراچي صرف سنڌين، بهارين ۽ پٺاڻن جو نه پر سڀني جو آهي: ف ليگ اڳواڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *