ايم ڪيو ايم سنڌوديش جي فڪر خلاف ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي سنڌسماءَچار) متحده قومي موومينٽ پاڪستان، سنڌوديشن جي فڪر (آئيڊيالاجي) ۽ علحدگي پسند تحريڪن خلاف ٺهراءُ سنڌ اسيمبليءَ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ علي خورشيدي پاران ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جي صحيحن سان سنڌوديش جي آئيڊالاجي – سنڌوديش جي فڪر ۽ علحدگي پسند تحريڪن خلاف هڪ ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرايو آهي.
ايم ڪيو ايم پاڪستان عليحدگي پسند تحريڪن ۽ سنڌو ديش جي نظريي خلاف ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته، هي ايوان (سنڌ اسيمبلي) عليحدگي پسند تحريڪن ۽ سنڌو ديش جَي نظريي کي رد ڪندي پاڪستان جِي خودمختياري، اتحاد ۽ علائقائي سالميت کي نقصان پهچائيندڙ هر ايجنڊا جي مذمت ڪري ٿو. ايوان اِن ڳالهه جِي توثيق ڪري ٿو ته سنڌ پاڪستان جو هڪ لازمي ۽ فخر جوڳو حصو آهي، سياسي، معاشي ۽ آئيني مسئلن کي جمهوري، پرامن ۽ آئيني طريقن سان حل ڪرڻ گهرجي. ٺهراءَ جَي متن موجب، سڀ شهري ۽ سياسي قوتون قومي اتحاد، جمهوريت، رواداري ۽ پاڪستان جي آئين جي پاسداري ڪن، سنڌ جَي عوام جَي حقن ۽ مفادن جو تحفظ به يقيني بڻايو وڃي. ٺهراءُ جمع ڪرائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي ميڊيا سان ڳالهائيندي علي خورشيدي چيو ته کين اڄ (جمعي ڏينهن) اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪرڻ نه ڏنو ويو، اسپيڪر دٻاءُ ۾ نظر اچي رهيو هو.هن چيو ته گذريل ڏينهن ايوان مان منظور ٿيل ٺهراءَ ۾ مخالف ڌر جون گذارشون شامل نه ڪيون ويون.
سنڌسماءَچار