سنڌ هڪ هئي، سنڌ هڪ آهي ۽ انشاءَ الله سنڌ هڪ رهندي، جيڪو سنڌ جي تقسيم جي ورهاست جي ڳالهه ڪندو، اسان ان سان ڪي به ڳالهيون نه ڪنداسين: شاهه اويس نوراني

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر سنڌسماءَچار) مرڪزي جماعت اهلسنت سنڌ جي امڪاني ورهاست جي چٽي ۽ واضح لفظن ۾ مخالفت ڪري ڇڏي، سنڌ ورهائڻ تي ڪنهن سان به ڪي به ڳالهيون نه ڪرڻ جو به اعلان. ڪراچي ۾ ٿيل ختم نبوت ﷺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مرڪزي جماعت اهلسنت جي سربراهه شاهه اويس نوراني واضح موقف اختيار ڪندي چيو ته، “ وفاق ۾ ويهي هڪ وزيرسيالڪوٽ جو آهي اهو ٽيليويزن تي ويهي بڪواس ڪري رهيو ته، چوي پيو ته سنڌ جي تقسيم جو فيصلو وفاق ڪندو، ان کي سنڌ جي سرزمين ڪراچي مان، حضرت شاهه احمد نوراني رح پٽ توهان کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته، سنڌ هڪ هئي، سنڌ هڪ آهي ۽ انشاءَ الله سنڌ هڪ رهندي، جيڪو سنڌ جي تقسيم جي ورهاست جي ڳالهه ڪندو، اسان ان سان ڪي به ڳالهيون نه ڪنداسين، انتظامي معاملن تي ڳالهه ڪنداسين، کليل نموني بحث ڪنداسين، پنهنجي عوام جي، پنهنجي اهلسنت جي حقن جي ڳالهه انتظامي معاملن تي حقن جي جنگ وڙهنداسين، سنڌ صوبو هڪ هو ۽ صوبو هڪ رهندو انشاءَ الله.
سنڌسماءَچار