شڪارپور ۾ مختلف ڪيسن ۾ گهربل ٻن ڏوهارين پوليس وٽ پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي، ايس پي شڪارپور جو چوڻ آهي ته گرفتاري ڏيندڙ ڏوهاري صدام مارفاڻي تي 10 لک ۽ لکمير عرف لکو بروهي تي 5 لک رپيا انعام رکيل هو. ايس پي شڪارپور محمد ڪليم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مختلف ڪيسن ۾ روپوش ٻن ڏوهارين صدام مارفاڻي ۽ لکمير عرف لکو بروهي ڳڙهي ياسين پوليس وٽ پيش ٿي گرفتاري ڏني آهي. هن ٻڌايو ته گرفتاري ڏيندڙ ڏوهارين صدام مارفاڻي تي 10 لک ۽ لکمير عرف لکو بروهي تي 5 لک رپيا نعام رکيل هو. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ڏوهارين تي شڪارپور سميت مختلف ضلعن جي ٿاڻن تي پوليس مقابلن، اغوا، ڦر ۽ قتلن جا ڪيترائي ڪيس داخل هئا
