سنڌ اسيمبيلي جو اجلاس قائم مقام اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هٺ جاري آهي، اڄوڪي اجلاس ۾ فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي نصرت سحر جي غير حاضري شهلا رضا کي پريشان ڪري ڇڏيو. اجلاس شروع ٿيڻ جي ڪهه دير کانپوءِ قائم مقام اسپيڪر شهلا رضا پڇيو ته اڄ نصرت سحر عباسي ڇون آئي آهي، جنهن بعد پاڻ چيو ته ايم پي ايز کي اجلاس وارن ڏينهن ۾ اين جي اوز جي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪرڻ گهرجي. نصرت سحر عباسي لاءِ ٻڌو آهي ته اها پنجاب اسيمبليءَ جو به دورو ڪري رهي آهي.
ٻي طرف قائم مقام اسپيڪر شهلا رضا کي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلا رحيم ۽ اڳوڻي صوبائي وزير (ڊيفڪٽو صوبائي وزير ورڪس اينڊ ڪميونيڪيشن) شرجيل ميمڻ جي غير حاضري نظر نه آئي آهي. نصرت سحر عباسي آخرڪار پ پ جي ميمبرز کي اجلاس ۾ شرڪت به پريشان ٿي ڪري ته غير حاضري به…!!!