رتوديرو: ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙو، فائرنگ 3 ڄڻا قتل

ratodero murder3 ratodero murder1 ratodero murder2

رتوديرو ويجهو ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار ٻيهر ڪر کنيون آهي، لولائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪريار تان بنگل ديرو روڊ تي وجهه وٺي بيٺل هٿياربندن لاڙڪاڻي ويندڙ 3 ڄڻن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا. فائرنگ ۾ قتل ٿي ويلن جي سڃاڻپ محمد بخش لولائي، فيض محمد ۽ محمد سچل لولائي جي نالن سان ٿي وئي آهي.

مارجي ويل ڳوٺاڻن جي وارثن جو چوڻ آهي ته ٽئي ڄڻا اڄ لاڙڪاڻي ڪيسن جي شنوائي لاءِ ويل هئا، جن کي رستي ۾ مخالف ڌر جي ماڻهن بنا جواز جي قتل ڪري ڇڏيو. مارجي ويل ٽنهي ڄنن جا لاش رتوديرو اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

 

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *