مبينا طور گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ احتجاج، پوليس جي لٺبازي

سکر ۾ ٻن مبينا طور گم  ڪيل ڳوٺاڻن جي آزادي لاءِ احتجاج ڪندڙ ماڻهن مٿان پوليس ڪڙڪي پئي. ٻن ڳوٺاڻن مرتضيٰ ۽ سندس دوست جي وارثن سکر پريس ڪلب آڏو پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن  جوچوڻ هو ته پوليس سندن ٻن نوجوانن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جن جي نه ته گرفتراري ظاهر ڪئي پئي وڃي ۽ نه وري سندن بابت ٻي ڪا معلومات ڏيڻ لاءِ تيار آهي. احتجاج ڪندڙ پوليس خلاف به نعري بازي ڪئي جنهن تي پوليس اهلڪار مڇرجي پيا ۽ احتجاج ڪندڙن تي لٺين ريهٽ لڳائي ڏنو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي سري عام رستي تي گهليندي رهيا.

 

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *