اينٽي ڪرپشن ٽيم جو عمر ڪوٽ ۾ ڇاپو
چيئرمين اينٽي ڪرپشن غلام قادر ٿيٻو چيو آحي ته جهنگلي جيوت کاتي عمر ڪوٽ جي آفيس ۾ سال 2015 ۽ 2016 دوران ڪرپشن جون شڪايتون مليون، جنهن تي لاڳاپيل اختياري کي ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي.
چيئرمين اينٽي ڪرپشڻ جي هدايت تي ڊائريڪٽر عثمان غني صديقي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي نگراني هيٺ لائيو اسٽاڪ کاتي عمرڪوٽ جي آفيس تي ڇاپو هڻي 2015 ۽ 2016 جو سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن جو چوڻ آهي ته ضبط ڪيل رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي پئي وڃي، جنهن بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪارروائي دوران ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آهي.
اينٽي ڪرپشن عملدار جو اهو به چوڻ آهي ته لائيو اسٽاڪ کاتي عمرڪوٽ ۾ مدي خارج دوائون به وڪرو ٿينديون رهن ٿيون جنهن جي به جاچ ڪئي پئي وڃي.