پ پ چيئرمين سنڌ جي لاڙڪاڻي ڊويزن جي عهديدارن جو اعلان ڪري ڇڏيو

Gul Jakhrani

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ڊويز سميت 5 ضلعن لاءِ پارٽي اڳواڻن جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ايم اين اي اعجاز جکراڻي کي پ پ لاڙڪاڻي ڊويز ن جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري جيڪب آباد مان چونڊيل ايم اين اي اعجاز جکراڻي کي لاڙڪاڻي ڊويزن جو صدر  ۽ اعجاز بروهي کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي. لاڙڪاڻي لاءِ عبدالفتاح ڀٽو صدر ۽ خير محمد شيخ کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

قمر الدين گوپانگ قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي جو صدر ۽ پنهل سومرو جنرل سيڪريٽري، شڪارپور ضلعي جو صدر مير عابد ڀيو کي صدر ۽ ذوالفقار ڪماريو کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

AIJAZ JAKHRANI

بلاول هائوس جي پڌرائي موجب لياقت لاشاري جيڪب آباد ضلعي جو صدر ۽ عارف دايو جنرل سيڪريٽري، ڪشمور ضلعي جو صدر اڳوڻو ايم اين اي گل محمد جکراڻي صدر ۽ الطاف کوسو کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

گذريل هفتي بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ ڊويزنل ۽  ضلعي عهدايدارن لاءِ پارٽي اڳواڻن جا انٽريوز ڪيا هئا، جن مان صرف لاڙڪاڻو ڊويزن ۽ ان جي ضلعن جي اڳواڻن جا نالا فائنل ڪري فهرست جاري ڪئي آهي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *