شاذر شمعون، غلام حيدر جمالي ۽ سيد علي رضا خلاف نيب ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري

Ghulam Hyder Jamali 1 Ali Raza NBP

نيب جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز پاران بورڊ آف روينيو سنڌ جي اڳوڻي سينئر ميمبر، شاذر شمعون، اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي ۽ نيشنل بئنڪ جي اڳوڻي صدر علي رضا خلاف ڪرپشن ڪيسز جا ڌار ڌار ريفرنسز داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

نيب جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو اجلاس چيئرمين قمرالزمان چوڌري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ نيشنل بئنڪ جي اڳوڻي صدر علي رضا سميت ٽن اعليٰ عهدن تي رهندڙ آفيسرز خلاف ڪرپشن ڪيسز جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ نيب جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز پاران بورڊ آف روينيو سنڌ جي اڳوڻي سينئر ميمبر، شاذر شمعون، اڳوڻي آءِ جي غلام حيدر جمالي ۽ نيشنل بئنڪ جي اڳوڻي صدر علي رضا خلاف ريفرنسز داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *