تربت واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 3 سنڌ واسي پورهيت شهيد

turbat-hospital

حب: تربت ويجهو هوشاب واري علائقي ۾ هڪ ڀيرو وري اڻسڃاتل هٿياربندن روڊ تي مزدوري ڪندڙ پورهيتن تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ پورهيت ٿڏي تي شهيد ٿي ويو ۽ 2 پورهيت مرڻينگ ٿي پيا.

ليويز ذريعن جو چوڻ آهي ته هٿياربندن جي فائرن ۾ شهيد ٿيل پورهيتن جو واسطو سنڌ سان آهي.

ڊپٽي ڪمشنر ڪيچ جو چوڻ آهي ته، پورهيت هوشاب واري علائقي ۾ روڊ جي تعمير واري منصوبي تي ڪم ڪري رهيا هئا، ٻن موٽرسائيڪلز تي سوار هٿياربندن پورهيتن تي انڌادنڌ فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ پورهيت ٿڏي تي مارجي/شهيد ٿي ويو ۽ ڪجھ پورهيت مرڻينگ ٿي پيا، زخمي پورهيتن کي ليويز اهلڪارن واقعي واري هنڌ پهچي اسپتال منتقل ڪري رهيا هئا ته، 2 پورهيتن رستي ۾ ئصي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

ڊي سي ڪيچ جو چوڻ آهي ته شهيد پورهيتن جو واسطو سنڌ جي خيرپور ضلعي سان آهي، جن جي مڪمل سڃاڻپ بعد تفصيل جاري ڪيا ويندا.

ليويز ذريعن جو چوڻ آهي ته پورهيتن تي فائرنگ ڪندڙ موٽرسائيڪل سوار هٿياربند واقعي بعد آساني سان جابلو علائقي ڏانهن ڀڄي ويا.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *