ايس اي سي پي جي چيئرمين ظفر حجازي خلاف ڪيس داخل

SECPZafar-Hijazi 01

سلام آباد: ايس اي سي پي جي چيئرمين ظفر حجازي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا اچي سگهي ٿي: ذريعا

جي آءِ ٽي جي رپورٽ سامهون اچڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪمپني آف پاڪستان جي چيئرمين خلاف اسلام آباد ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب ظفر حجازي خلاف داخل ڪيل ڪيس / ايف آءِ آر ۾ سرڪاري عهدي تي رهندي پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ، دستاويزن ۾ هيراڦيري ڪري جنهن ڌر/اداري/شخص کي فائدو پهچائڻ سميت مختلف قلم لاڳو ڪيا ويا آهن.

ذريعن موجب ظفر حجازي خلاف داخل ڪيل ڪيس ۾ جيڪي قلم لڳائي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن اُهو ڪيس عدالت ۾ ثابت ٿي وڃي ٿو ته سيڪيورٽي ايجنسي ڪارپوريشن آف پاڪستان جي موجوده چيئرمين ظفر حجازي کي گهٽ ۾ گهٽ 14 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا چاي سگهي ٿي. ڪيس داخل ٿيڻ بابت اڃا تائين ڪابه سرڪاري سطح تي تصديق ناهي ڪئي وئي.

 

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *