اسلام آباد: گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس 31 جولاءِ تي طلب،آدمشماري جا غير حتمي تفصيل پيش ڪرڻ جو امڪان

CM PunjabCM sindh budget01

CM KPKCM Balochistan

گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس 31 هين جولاءِ تي اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو. امڪان آهي ته، وفاقي شماريات ڊويزن پاران تازو ملڪ ۾ ٿيل گهر ۽ آدمشماري جا غيرحتمي تفصيل پيش ڪيا ويندا.

ذريعن سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب وزيراعظم نواز شريف گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس 31 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن کي دعوت ڏني وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾، شماريات ڊويزن پاران ملڪ ۾ تازو ٿيل آدمشماري جي ابتدائي رپورٽ پيش ڪئي ويندي، امڪان اهو به ظاهر ڪيو پيو وڃي ته شماريات ڊويزن گهر ۽ آدمشماري جا غير حتمي تفصيل گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پيش ڪيا وڃن.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *