ارشد سليم جي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وي سي طور مقرري چئلينج

SBBUSBA_logoVC SBBU nawabshah

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ارشد سليم آرائين جي مقرري کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، عدالت کيس نوٽيس جاري ڪندي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، سنڌ حڪومت کان به جواب طلب ڪيو ويو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽبينظير يونيورسٽي نوابشاهه جي وائس چانسلر ارشد سليم جي مقرري خلاف داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته ارشد سليم هڪ نجي اداري مان گريجوئيشن ڪئي، ان کان وڌيڪ سندس ٻي ڪا به تعليمي قابليت نه آهي. هو وائيس چانسلر جي مقرري لاءِ گهربل اهليت به نه ٿو رکي. جنهنڪري هُو وائيس چانسلر جي عهدي جو اهل ئي نه آهي.

پٽيشنرز جو موقف آهي ته هاير ايجوڪيشن ڪميشن کي به سندس مقرري تي خدشا آهن، تنهنڪري شهيد بينظير يونيورسٽي ۾ وائس چانسلر طور ارشد سليم جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن رد ڪري کيس عهدي تان هٽايو وڃي.

VC & peon

سوشل ميڊيا تي هلندڙ وي سي جو پروفائل 

عدالت درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ڪندي وائيس چانسلر ارشد سليم کي 6 اڪٽوبر تي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

واضح رهي ته ارشد سليم وٽ تعليمي بورڊ نوابشاهه جي چيئرمين واري عهدي جي واڌو چارج به آهي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *