ٽنڊو غلام علي ( سنڌ سماءَ چار نيوز ) ايشيا جي سڀ کان وڏي گڏهن جي وڏي پڙي ۾ گڏهن جو وڪرو ۽ خريداري جاري آهي. ٽنڊو غلام علي ۾لڳندڙ ايشيا کنڊ جي سڀ کان وڏي گڏهن جي پڙي هن سال به وڏي ڌام ڌوم سان جاري آهي، پڙي ۾ سنڌ جي مختلفن شهر مان گڏهن جا واپاري خريداري ۾ رڌل آهن. ٽنڊو غلام علي شهر جي پراڻي ڪارخاني وٽ لڳل پڙي ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ڪراچي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، دادو، نوابشاهه، ميرپورخاص ۽ نوشهروفيروز سميت ٻين شهرن مان هزارين واپاري پڙي ۾ پهتل آهن، جيڪي اعليٰ نسل جا گڏهه خريد ۽ وڪرو ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي واپارين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هن سال پڙي ۾ واپاري گهٽ اگهه وارا گڏهه خريد ڪري رهيا آهن. واپارين جو چوڻ هو ته پڙي ۾ قائم هوٽلن تي ماني مهانگي آهي،گاهه به شهر کان وڌيڪ اگهه تي ملي رهيو آهي. هوڏانهن پڙي ۾ هن سال به لاسي، ايراني، لاڙي، برا، جابلو، ٽڪر، خودڙا، ڪوهستاني، ٽامڙا ۽ ٻين نسلن جا گڏهه وڪري لاءِ آيل آهن.
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …