سنڌي ۽ بلوچن ۾ ويڇا پيدا ٿيڻ نه ڏبا، سنڌي ۽ بلوچ فورم جي گڏجاڻي ۾ اتفاق راءِ قائم

 ( لنڊن پريس رليز ) سنڌي بلوچ فورم جي گڏيل پريس پڌرائي موجب سنڌي بلوچ فورم جي  گڏجاڻي لنڊن ۾ ٿي. جنهن ۾ اصولي طور اهو طئي ڪيو ويو ته سنڌين ۽ بلوچن وچمي ويڇا پيدا ڪرڻ جي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو. اجلاس ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس، بلوچ نيشنل مومنٽ، ورلڊ بلوچ آرگنائيزيشن ۽ بلوچ هيومن رائيٽس ڪائونسل يوڪي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. سنڌي بلوچ فورم جي  اجلاس جي گڏيل پڌرنامي موجب سنڌ ۽ بلوچستان جي جاگرفيائي وحدت تي سوال اٿاريندڙن ڌرين  کي سنڌين ۽ بلوچن وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرائيندڙ  قرار ڏيندي ان عمل کي  سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي تحريڪن ۽ مقصد لاءِ هاڃيڪار قرار ڏيندي اهڙن عملن ۽ انهن ويڇا پيد ڪندڙ ڌرين جي  گڏيل مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ ان تي اتفاق راءُ قائم ڪيو ويو ته سنڌ ۽ بلوچستان جون موجوده جاگرافيائي سرحدون جيڪي پنهجو تاريخي پسمنظر رکن ٿيون ان ۾ يقين رکن ٿيون،.جاگرفيائي ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ کي محڪوم سنڌين ۽ بلوچن جي وچ ۾ فطري قومي اتحاد کي نقصان رسائڻ ۽ سنڌين ۽ بلوچن ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي سازش قرررار ڏيندي رد ڪيو ويو.

سنڌي بلوچ فورم جي گڏجاڻي بلوچستان ۾ سنڌي مزدورن جي قتل جي مسئلي کي غير معمولي اڀار ڏئي سنڌين ۽ بلوچن وچمي غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي سازش قرارڏنو ويو.

About

Check Also

بھارت کی کراچی بندرگاہ پر حملے کی تیاری، جنگی بحری بیڑا تعینات کردیا

کراچي(مانيڻرنگ سنڌسماءَچار) بھارت نے پاکستان کے ساتھ کئی روز سے جاری سرحد پار جھڑپوں کے …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *