ڪراچي شهر کان لاهور شهر جي آبادي ڪيئن وڌي شماريات کاتي جو انڪشاف؟

ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) شماريات کاتي آدمشماري انگن اکرن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو آهي ته شماريات کاتي، جمع ڪرايل جواب ۾ ڄاڻايو ته پنجاب ۾ شهري آبادي ۾ 2 ڏهائي 74 ۽ سنڌ ۾ 2 ڏهائي 46 شرح سان واڌ ٿي. ڪراچي شسهر جي ڀيٽ ۾ لاهور جي آبادي وڌڻ بابت شماريات کاتي پنهنجي جواب ۾ ڄاڻايو آهي ته، شماريات کاتي موقف اختيار ڪيو آهي ته پنجاب حڪومت 2015 ۾ لاهور ضلعي کي مڪمل شهري قرار ڏنو، جڏهن ته سنڌ حڪومت ڪافي عرصي کان ڪراچي جون حدون ئي ناهن وڌايون.

شماريات کاتي موجب آدمشماري جو فيلڊ آپريشن صوبائي ۽ ضلعي حڪومتن جي ماتحت ٿيو، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز کي سينسز ڊسٽرڪٽ آفيسر مقرر ڪيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل رپوٽ موجب پنجاب جو ملڪ جي مجموعي آبادي ۾ شيئر گهٽ ٿيو، جنهن سان پنجاب جو قومي اسيمبلي ۽ اين ايف سي ۾ حصو گهٽجندو. شماريات کاتي جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته ڪراچي جي آبادي ۾ 59 ۽ لاهور جي آبادي ۾ 116 سيڪڙو واڌ ٿي، لاهور جي آبادي ۾ واڌ جو سبب حدن جي تبديلي آهي. شماريات کاتي موجب آدمشماري جا انگ اکر سي سي آءِ جي اجلاس ۾ به پيش ڪيا ويا، جنهن ۾ ڪنهن به وڏي وزير ان تي اعتراض نه واريو. شماريات جي رپورٽ موجب سمورن قانونن کي نظر  رکندي آدمشماري شفاف طريقي سان ڪرائي وئي.

About

Check Also

اٺاويهين ترميم، ن ليگ ۽ پ پ جا صلاح مشورا، آصف زرداري اڳواڻن کي لنڊن سڏائي ورتو

اٺاويهين ترميم، ن ليگ ۽ پ پ جا صلاح مشورا، آصف زرداري اڳواڻن کي لنڊن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *