لاڙڪاڻو پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ خراب کاڌو کائڻ سبب هڪ اهلڪارفوت، هڪ مرڻينگ حالت ۾ اسپتال ڀيڙو

لاڙڪاڻو (سنڌ سماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاڙڪاڻو پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ تربيت حاصل ڪندڙ هڪ اهلڪار مبينا طور پيٽ ۾ سور پوڻ سبب فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته هڪ اهلڪار کي اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي، آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس وٺندي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي جاچ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ٽريننگ سينٽر ۾ تربيت حاصل ڪندڙ سوين اهلڪارن غيرمعياري کاڌو ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو، جنهن بعد ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي خاطرين تي ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.

لاڙڪاڻو ٽريننگ سينٽر ۾ طبيعت خراب ٿيڻ تي ڪراچي واسي نوجوان اهلڪار شهير علي ۽ عبدالرحمان کي اسپتال آندو ويو، جتي شهير علي فوت ٿي ويو، جڏهن ته عبدالرحمان اڃا به بيهوشي واري حالت ۾ آهي. فوتي اهلڪار جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته غير معياري کاڌو کائڻ سبب ڀاءُ جي طبيعت خراب ٿي، جنهنڪري فوت ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ٻڌايو ته آءِ جي سنڌ معاملي جو نوٽيس وٺندي واقعي جي جاچ جي هدايت ڪئي آهي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *