قلندر لال شهباز جي مزار ۾ آپگهاتي ڌماڪو ڪندڙ بمبار جو مک سهولتڪار دهشتگرد نادر عرف مرشد جکراڻي گرفتار

ڪراچي ( سنڌسماءَچار نيوز) ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ / سي ٽي ڊي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري سيوهڻ سانحي جي آپگهاتي بمبار جي سهولتڪار ۽ مک جوابدار نادر علي عرف مرشد جکراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، سي ٽي ڊي گرفتار دهشتگرد کي عدالت ۾ پيش ڪري 5 ڏينهن جو جسماني رمانڊ به حاصل ڪيو آهي. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عامر فاروقي چيو آهي ته جوابدار نادر جکراڻي اعتراف ڪيو آهي ته آپگهاتي ڌماڪي لاءِ دهشتگرد کي افغانستان مان آندو ويو هو. سيوهڻ سانحي جي اهم جوابدار جي گرفتاري کانپوءِ سي ٽي ڊي ۽ رينجرز عملدارن ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. ڊِي آءِ جي سي ٽي ڊي چيو ته  آپگهاتي حملو ڪندڙ کي نادر جکراڻي مزار تائين پهچايو، جنهن کي افغانستان مان آندو ويو هو. هن چيو ته نادر جکراڻي جو ساٿي ڊاڪٽر مصطفيٰ نالي شخص هو، جيڪو اڳ ئي ٰمستونگ آپريشن ۾ مارجي چڪو آهي.عامر فاروقي چيو ته ڊاڪٽر مصطفيٰ کي سنڌ ۾ داعش جو سربراهه بڻايو ويو هو.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *