سلام ڪوٽ ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳواڻ ۽ اسلام ڪوٽ جي يونين ڪائونسل ڪهڙي جو چيئرمين نشي ۾ ڌت ٿي غريب ماڻهن جي گهرن ۾ گهڙي پيو. پوليس يو سي ناظم کي بيهوشي جي حالت ۾ سوگهو ڪري اسپتال داخل ڪري ڇڏيو آهي. سندس خلاف اڃا تائين ڪو به ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو. يونين ڪائونسل ڪهڙي جو پ پ چئيرمين وسايو سميجو نشي حالت ۾ ڌت ٿي هڪ غريب جي گهر ۾ گهڙي پيو. وسايو سميجو جي گهر ۾ گهڙي اچڻ تي گهر ڀاتين ۾ راڙو پئجي ويو. گهر ڀاتين ۽ پاڙي وارن پوليس کي اطلاع ڪيو. اطلاع تي پوليس پهچي وسايو سميجو کي سوگهو ڪري بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو.
اسپتال انتظاميه ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته وسايو سميجو کي داخل ڪري کيس هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پوليس جواهو به چوڻ آهي ته وسايو جي اها عادت آهي ته هُو روزانو شراب پي رستن ۽ گهٽين تي رات جو دير تائين گهمندو رهندو آهي. ان کان اڳ هُو ڪيترائي ڀيرا ماڻهن جي گهرن ۾ گهڙي چڪو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ گرفتار به ڪيو ويو آهي. پڇر هُو مسلسل پنهنجي ان عادت کان نه ٿو مڙي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هو نشئي چيئرمين مان اڙجي ويا آهن.