ميرپور ٻرڙو ٽائون ڪميٽي تي اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو،عملو ڀڄي ويو

سکر ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ٺل ويجهو ميرپور ٻرڙو ٽائون ڪاميٽي تي اينٽي ڪرپشن ٽيم ڇاپو هڻي رڪارڊ سيل ڪري ورتو، جڏهن ته عملو فرار ٿي ويو. سرڪل آفيسر هدايت الله چنو جي اڳواڻي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم ٽائون ڪاميٽي ۾ غير قانوني ڀرتين ۽ ترقياتي ڪمن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ جي شڪايتن تي ڇاپو هنيو. ٽيم جي ڇاپي دوران ٽائون ڪميٽي چيئرمين، ٽائون آفيسر توڙي ٻيو عملو موجود نه هو، اينٽي ڪرپشن آفيسر جي نگراني ۾ آفيس اندر پيل الماريون سيل  ڪيون ويون. سرڪل آفيسر ٻڌايو ته غيرقانوني ڀرتين ۽ ڪرپشن جي شڪايتن تي ڇاپو هڻي رڪارڊ سيل ڪيو ويو آهي، رڪارڊ جي جاچ بعد وڌيڪ تفصيل ڏني ويندي.

About

Check Also

”پريا ڪماري جي ويجهو پهتا آهيون“،سنڌ حڪومت جون دعوائون ڪوڙيون ثابت

  ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پرياڪماريءَ جي آزادي/ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *