استادن سياسي پارٽي جي هُشي تي احتجاج ڪيو، لٺ بازي نه ٿيڻ گهرجي ها

لاڙڪاڻو/سيوهڻ ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ايس ٽي ايس پاس استرادن سياسي پارٽين جي هُشي تي احتجاج ڪيو، ڪجهه سياسي پارٽين جا ماڻهو به انهن ۾ موجود هئا، پر استادن تي تشدد نه ٿيڻ گهرجي ها. وڏي وپزير مراد علي شاهه سيوهڻ ۽ن  لاڙڪاڻي ۾ ڌار ڌار  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، استادن سياسي پارٽي جي هُشي تي احتجاج ڪيو، کين ائين نه ڪرڻ گهرجي ها. هن  چيو ته پرامن احتجاج ڪرڻ هر شهري جو حق آهي پر قانون هٿ ۾ نه کڻڻ گهرجي. مراد علي شاهه چيو ته هر ڀيري عام چونڊن توڙي مڪاني چونڊن کان اڳ ۾ پ پ خلاف اتحاد  چونڊن کان پهرين اتحاد ٺهي ويندا  آهن، پر عوام ان هن کي موٽ ناهي ڏيندو، هاڻي به ڪو به فرق نه پوندوآهي.

ڪراچي ۾ استادن تي پوليس تشدد واري واقعي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته جمهوريت ۾ پرامن احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي، ڪراچي ۾ استادن تي تشدد نه ٿيڻ گهرجي ها. مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته  شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *