سکر( خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار) لکي غلام شاھه ويجهو ارڙي جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي، هڪ ڏينهن دوران 2 ٻارڙيون فوت ٿي ويون، علائقي جا ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جي مرض وگهي اسپتالن اسپتالن ۾ داخل آهن، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته دانهڻ باوجود صحت کاتي ڪو به نوٽيس ناهي ورتو. لکي غلام ساهه جي ڳوٺ ٻڍو مهر ۾ گذريل ڏينهن ارڙي وگهي هڪ سال جي ٻارڙي فرحانه ۽ ڏيڍ سال جي عافيه مهر فوت ٿي ويون آهن. ڳوٺ ۾ ارڙي جي بيماري ڦهلجڻ سبب ڪيترائي ٻار اسلم، طاهره، مائره، آمنا، مديحا، سليمان، عائشا، ريحانا، تهمينا ۽ فرحان سميت ڪيترائي ٻار مبتلا ٿي ويا آهن. ان موقعي ته رهواسين جو چوڻ هو ته سرڪاري اسپتال جا ڊاڪٽر دوا ڏيڻ بعد چون ٿا ٻارن کي گهر وٺي وڃو، گهر پهچڻ تي ٻار فوت ٿي وڃن ٿا. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي اسان جي ٻارن جون قيمتي زندگيون بچايون وڃن.
Tags Shikarpur lakhi ghulam shah
Check Also
سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري
سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …