ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جي پٽ تي حملي جي ڪوشش

ڪراچي (رپورٽر      سنڌ سماءَ چار) ڪراچي ۾ سپريم ڪورٽ جي جج گلزار احمد جي پٽ تي حملي جي ڪوشش واري واقعي جي ايف آءِ آر ٽن اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي ڪوررنگي ٻڌايو ته ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ موٽرسائيڪل سوار 3 جوابدارن سپريم ڪورٽ جي جسٽس گلزار احمد جي پٽ سعد گلزار جي گاڏي کي هٿيار ڏيکاري روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. نعمان صديقي چيو ته فهد جي محافظ جوابدرن تي فائرنگ ڪري ڏني.، جنهن کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا. ايس ايس پي چيو ته جسٽس گلزار احمد جي پٽ تي فائرنگ واري واقعي جي ايف آءِ آر ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي تي 3 اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪري گرفتاري لاءِ ڪوشش جاري آهن.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *