ڪراچي (رپورٽر سنڌ سماءَ چار) ڪراچي ۾ سپريم ڪورٽ جي جج گلزار احمد جي پٽ تي حملي جي ڪوشش واري واقعي جي ايف آءِ آر ٽن اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي ڪوررنگي ٻڌايو ته ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ موٽرسائيڪل سوار 3 جوابدارن سپريم ڪورٽ جي جسٽس گلزار احمد جي پٽ سعد گلزار جي گاڏي کي هٿيار ڏيکاري روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. نعمان صديقي چيو ته فهد جي محافظ جوابدرن تي فائرنگ ڪري ڏني.، جنهن کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويا. ايس ايس پي چيو ته جسٽس گلزار احمد جي پٽ تي فائرنگ واري واقعي جي ايف آءِ آر ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي تي 3 اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪري گرفتاري لاءِ ڪوشش جاري آهن.
Check Also
شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي
ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …