لسٻيلي ويجهو موٽرسائيڪل سوارن کي بچائيندي ڪار ڪلٽي،4 ڄڻا فوت

لسٻيلو( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي لسٻيلو ۾ ڪار موٽر سائيڪل کي بچائيندي پل سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ ٻار سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. لسٻيلي جي سوناري ويجهو تيز رفتار ڪار موٽر سائيڪل کي بچائيندي پُل سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پئي. حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ هڪ ٻار سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. حادثي بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو تيز رفتاريءَ سبب پيش آيو آهي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *