لاهور-ڪراچي موٽروي منصوبي ۾ بي ضابطگيون،نيب چيئرمين جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال لاهور ڪراچي موٽر وي ٺيڪن ۾ ڪرپشن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي لاهور ڪراچي موٽر وي ٺيڪي ۾ مبينا ڪرپشن، بدعنواني ۽ غير شفافيت جي انڪشاف کانپوءِ نيب چيئرمين نوٽيس وٺندي لاهور ڪراچي موٽر وي ٺيڪن ۾ ڪرپشن جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال ڊي جي نيب راولپنڊي کي معاملي جي مڪمل جاچ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. نيب چيئرمين چيو آهي ته، قوم جي سرمائي جو جائز استعمال ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، اسان کي قومي سرمائي جي ضياع ۽ بدعنواني جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪندي قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻو پوندو.

نيب چيئرمين چيو ته جيڪي ماڻهو مهانگي ريٽ تي لاهور ڪراچي موٽر وي ٺيڪو ڏيڻ ۽ مبينا بدعنواني جا ذميوار آهن انهن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ ٺوس شاهدن جي بنياد تي ان کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي جڏهن ته ذڪر ڪيل منصوبي ۾ نيب سبب ڪنهن قسم جي دير نه ٿئي.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *