

سوات (سنڌسماءَچار مانيٽر نگ) سوات ۾ پاڪ فوج جي اسپورٽس يونٽ ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ هڪ آفيسر سميت 11 جوان شهيد ۽ 13 زخمي ٿي پيا. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آحي ته، سوات جي ڪبل جي علائقي شريف آباد ۾ موجود آرمي يونٽ جي اسپورٽس ايريا تي ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا، جڏهن ته زخمي ٿيلن کي اسپتال نيو ويو هو، جتي ٻين اهلڪارن به زخمن جي سٽ نه سهندي شهادت ماڻي ورتي آهي. آءِ ايس پي آر 11 سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت جي تصديق ڪئي آهي. ميجر جنرل آصف غفور موجب ڪبل ۾ آرمي يونٽ جي اسپورٽس ايريا ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۾ 11 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا آهن، جڏهن ته 13 زخمي آهن.
سنڌسماءَچار