پنجاب حڪومت جا اداران ڪرپشن ڪيسن جي جاچ ۾ سهڪار نه ڪرڻ برداشت نه ڪبو: نيب چيئرمين

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌ سماءَچار) نيب جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته، ڪرپشڻ ڪيسن جي جاچ ۾ پنجاب حڪومت جا ڪيترائي ادارا سهڪار نه پيا ڪن، هاڻي مستقبل جيڪڏهن اهڙي شڪايت ملي ته پنجاب حڪومت کي ڏکيائيون ڏسڻيون پونديون. جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪامورا شاهي خاص ڪري پنجاب حڪومت جي ڪجهه کاتن ۽ اٿارٽيز بابت رپورٽس مليون آهن ته اهي ڪرپشن جي ڪيسن جي جاچ ۾ نيب اختيارين سان سهڪار نه پيا ڪن، جنهن کي اڄ تائين برداشت ڪيو ۽ انتظار هيو ته اهي ادارا سڌرندا پر ائين نظر نه پيو اچي. هن چيو ته جيڪڏهن اڄ کان پوءِ پنجاب حڪومت يا ان جا ماتحت ادار پنهنجو رويو نه سڌاريو ته انهن اداران، ڪاموراشاهي ۽ پنجاب حڪومت کي ڏکيائيون پيش اچي سگهن ٿيو؛ پوءِ ڪير ائين نه چوي ته جمهوريت خلاف سازش پئي ٿئي.

جسٽس جاويد رٽائرڊ اقبال جو چوڻ هوته، اهو ضروري آهي ته شاهه کان وڌيڪ شاهه جو وفادار ٿيڻ بدران ملڪ ۽ قوم جو وفادار ۽ خدمت ڪندڙ ٿجي. نيب چيئرمين چيو ته نيب جي شاهدن کي هر حال ۾ مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو ۽ دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش برداشت نه ڪئي ويندي. جاويد اقبال چيو ته جيڪڏهن اهو محسوس ڪيو ويو ته بااثر جوابدار شاهدن تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته سندن ضمانت رد ڪرڻ سميت سمورا اپاءَ اختيار ڪيا ويندا.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *