
سکر ( سنڌ سماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ نون سنڌ جي جنرل سيڪريٽري شاهه محمد شاهه چيو آهي ته گذريل 70 سالن کان ملڪ ۾ خطرناڪ راند کيڏي پئي وڃي، نواز شريف سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ڪو نئون ناهي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمد شاهه چيو ته جن ماڻهن سپريم ڪورٽ ٻاهران ڪپڙا ٽنگيا ڇا اها توهين عدالت ناهي. هن چيو ته جڏهن اسلام آباد ۾ پي ٽي وي سينٽر ۽ پارليامينٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان وقت عدالت سوموٽو نوٽيس ڇو نه ورتو هو. شاهه محمد شاهه چيو ته پرويز مشرف 2 ڀيرا آئين ٽوڙيو ان کي عدالت ۾ گهرايو ڇو نٿو وڃي، پ پ کي ق ليگ وارو ڪردار ادا نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نواز شريف کي ملڪ ۾ ترقي ڪرڻ ۽ حالتون بهتر ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي.نون ليگ اڳواڻ شاهه محمد شاهه چيو ته پارليامينٽ سپريم ادارو آهي،آئين جي تشريع ڪرڻ عدالت جو ڪم آهي.
سنڌسماءَچار