ايف پي سي سي آءِ جو اڳوڻو صدر ۽ مشهور واپاري زبير طفيل جيل ڀيڙو

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي مشهور واپاري ۽ فيڊريشن آف پاڪستان ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جو اڳوڻو صدر زبير طفيل سميت 5 جوابدارن کي پوليس سوگهو ڪري جيل اماڻي ڇڏيو آهي. مٿن الزام آهي ته هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ، امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ تي ٽيڪس ۾ ٺڳي ڪئي ڪري ملڪي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو. عدالت، ڪراچي چيمبر جي اڳوڻي صدر زبير طفيل سميت 5 جوابدارن جون ضمانت درخواستون رد ڪندي کين جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته جوابدار ماجد علي جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. جوابدار عبدالواحد، ڪاشف، نصير ۽ عبدالرئوف اڳ ئي جيل ۾ آهن.جوابدارن سيلز ٽيڪس ۽ ٽيڪس ري فنڊ جي نالي تي قومي خزاني کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *