پاڪستان ۾ سياستدانن تي جوتا ڇلائڻ وارو لاڙو وڌڻ لڳو…

نارو وال/ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ  سنڌسماءَچار) پاڪستاني سياست ۾ ” جوتو ڪلب“ مشهوري ماڻي رهيو آهي، ان ڪلب ۾ هڪ ميمبر جي واڌ سان ميمبرن جو تعداد 4 ٿي ويو آهي. ڇڇنر ڏينهن نارووال ۾ هڪ عوامي ميڙ دوران وفاقي گهرو وزير احسن اقبال تي هڪ شخص جوتو اڇلائي ورتو، جوتو احسن اقبال کي ته ڪو نه لڳي سگهيو پر جوتو هڻندڙ همراهه کي اتي موجود ن ليگ جي ڪارڪنن ٺاهوڪو ڪُٽُڪو ڏئي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. وفاقي گهرو وزير احسن اقبال کي جوتو هڻندڙ نوجوان جي سڃاڻپ بلاول حارث جي نالي سان ڪئي وئي آهي. جنهن کي پوليس حراست ۾ وٺڻ کانپوءِ اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

ان کان اڳ پاڪستان ۾ ڪنهن سياستدان کي جوتو هڻڻ جو پهريون واقعو 2008 ۾ ان وقت پيش آيو هو؛ عام چونڊن کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿي رهيو هو ۽ ان اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ ٿر ۾ بي تاج بادشاهه سمجهيو ويندڙ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم اچي رهيو هو. ارباب غلام رحيم جيئن ئي سنڌ اسيمبلي (پراڻي عمارت) جي ايوان ۾ داخل ٿيڻ  لاءِ ورانڍي / ڪاريڊور ۾ ڏاڪڻين وٽ پهتو ته اُتي موجود پيپلز پارٽي جي هڪ جيالي کيس جوتو وهائي ڪڍيو هو. اربابر رحيم کي جوتو هڻندڙ پ پ جي ان جيالي کي بعد ۾ سرڪاري نوڪري ۽ ٻين مراعتن سان به نوازيو ويو هو.

اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي هڪ ڪراچي جي هڪ عدالت ۾ پيشي دوران جوتو اڇالئيهڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن ۾ هُو ڪامياب ٿي نه سگهيو هو. اسلام آباد ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ نقيب لاله جي قتل ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف لڳل پختون جرڳي کي خطاب ڪرڻ لاءِ آيل پاڪستان پيپلز پارتي جي اڳواڻ تي به جوتو ڇلايو ويو هو جيڪو کيس نه لڳو پر هُو تقرير اڌ ۾ ڇڏي اسٽيج تان لهي هليو ويو هو.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *