فيض گنج ( رپورٽر سنڌسماءَچار) پڪاچانگ شهر ۾ قائم پرائيم انسٽيٽيوٽ آف ڪومپيٽيٽواسٽڊيز پاران ڇهين مارچ تي سيمينار رٿيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر عبدالغني شر جو چوڻ آهي ته، سيمينار ۾ مختلف شعبن تي لاڳاپيل فيلڊس جا ماهر ليڪچرز ڏيندا. سيمينار ۾ شاگردن کي ڪيريئر ڊيولپمينٽ سميت مختلف شعبن جي چٽاڀيٽي وارن امتحانن بابت پڻ ڄاڻ ڏني ويندي. سندس چوڻ آهي ته، اسان جو مقصد تعليم کي عام ڪرڻ ۽ نوجوانن ۾ چٽاڀيٽي وارن امتحانن لاءِ نه رڳو همٿائڻ آهي پر انهن کي ڪيريئر ڊيولپمينٽ بابت به مڪمل ڄاڻ ۽ رهنمائي پهچائڻ آهي. عبدالغني شر جو چوڻ آهي ته، پي آءِ سي ايس ڪاليج ۾ مختلف شعبن ۾ داخلائون پڻ ڪيون پيون وڃن، ان لاءِ شاگردن کي بهتر تعليم جي حاصلات لاءِ فوري طور تي رابطي ۾ اچڻ گهرجي.
Check Also
لاڙڪاڻي جو بلڊر ۽ بااثر شخص ڳهڻو خان جتوئي ڊرائيور سميت اغوا
خيرپور / لاڙڪاڻو ( خاص نمائندا سنڌ سماچار) خيرپور-لاڙڪاڻو روڊ تان مشهور بلڊر ۽ انتهائي …