آصف زرداري رضا رباني کي ٻيهر سينيٽ چيئرمين چونڊرائڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد( رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) نواز شريف پاران سينيٽ جي نئين چيئرمين لاءِ ميان رضا رباني کي نامزد ڪرڻ جي صورت ۾ پ پ کي حمايت جي آڇ ڪرڻ واري بيان تي آصف زرداري کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف زرداري رضا رباني واري سوال تي جواب ڏيندي چيو ته، “ هُو اهو چاهي ٿو پر مان هرگز نه ٿو چاهيان، ٿئنڪ يو ويري مچ”.

آصف زرداري پ پ جي وفد سان گڏ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته مان رضا رباني کي ٻيهر سينيٽ چيئرمين نامزد ڪرڻ نه ٿو چاهيان، مولانا فضل الرحمان آڏو پنهنجو مطالبو رکيو آهي، فضل الرحمان اتحادين سان مشاورت لاءِ وقت گهريو آهي، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نوازشريف ۽ آصف زرداري پاران ڌار ڌار تجويزون آيون آهن، اتحادين سان مشاورت ڪنداسين.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *