اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ جي قائد نواز شريف اعلان ڪيو آهي ته، نگران حڪومت جوڙڻ لاءِ پيپلز پارٽي سان ڪو به صلاح مشورو نه ڪنداسين، پيپلز پارٽي اسان سان دوکو ڪيو آهي. اسلام آباد احتساب عدالت ۾ پيشي کانپوءِ واپسي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته، اسان ميثاق جمهوريت جي هڪ به نقطي جي ڀڃڪڙي نه ڪئي هئي ۽ نه ڪيون پيا، بلاول ڀٽو زرداري غلط بياني ڪري رهيو آهي. بلاول کي گهرجي ته ٻيو ڪنهن کان نه ئي صحي پر پ پ جي سينئر اڳواڻن کان ئي پڇا ڪري ڏسي ته ميثاق جمهوريت جا بخيا ڪنهن اڊيڙيا هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ نواز شريف چيو ته، موجوده حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ بعد نين عام چونڊن لاءِ نگران حڪومت جوڙڻ واري مرحلي ۾ پيپلز پارٽي سان ڪنهن به صورت ۾ صلاح مشورو نه ڪنداسين، ڇو ته پ پ واران اسان سان دوکو ڪيو آهي.
Check Also
نوان صوبا؛ ”آرمي چيف سان سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي“: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي
ملڪ ۾ وان صوبا ٺاهڻ جو نئون راڳ، سنڌ کي چئن حصن ۾ ورهائڻ جي …