وقت اچڻ تي ٻڌائيندس مونکي سينيٽ چيئرمين ٿيڻ ڇو نه ڏنو ويو: رضا رباني

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته وقت اچڻ تي ٻڌائيندس ته مون کي سينيٽ چيئرمين ٿيڻ ڇو نه ڏنو ويو. هڪ نجي ٽي وي چيئنل جي پروگرام  ۾ ڳالهائيندي چيو ته، سينيٽ چيئرمين دوران منهنجي ڪوشش رهي ته ايوان کي آئين، قانون ۽ سينيٽ جي قائدن ۽ ضابطن تحت هلايان؛ ان ۾ ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿيس اُهو تاريخ ٻڌائيندي، مان پنهنجي ان ڪردار بابت ڪا به ڳالهه نه ٿوچوڻ چاهيان.

رضا رباني چيو ته، سندس ڪوشش رهي ته ادارن کي آئيني ۽ قانوني دائري ۾ رهندي انهن کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ موقعو مهيا ڪيو وڃي. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عسڪري قيادت به ملڪي حالتن بابت سينيٽ جي ايوان ۾ آئي ۽ بريفنگ ڏني. هڪ سوال جي جواب ۾ رضا رباني چيو ته، مونکي سينيٽ چيئرمين ٿيڻ ڇو نه ڏنو ويو يا روڪيو ويو، ان بابت تاريخ پاڻ  ئي ڳالهائيندي، پر مان ان بابت وقت اچڻ تي سڀ ڪجهه ٻڌائيندس.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *