رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن کي ياد به نه هوندس،منهنجي حمايت وارا بئنر هٽايا وڃن:چيف جسٽس ثاقب نثار

ڪراچي ( رپورٽر    سنڌسماءَچار) چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته، منهنجي ڀليڪار ۽ حمايت ۾ لڳايل سمورا بئنرز فوري طور تي هٽايا وڃن، رٽائر ٿيندس ته پوءِ مونکي ڪير ياد به نه ڪندو. سپريم ڪورٽر ڪراچي رجسٽري ۾ ڪراچي شهر ۾ گندي پاڻي جي نيڪال، پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته، شهر اندر منهنجي حمايت ۽ ڀليڪار جا بئنرز لڳايا ويا آحن، اُهي فوري طور تي لاٿا وڃن. چيف جسٽس ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ۾ چيو ته، مان چيف جسٽس آف پاڪستان جي عهدي تان جڏهن رٽائر ٿي ويندس ته پوءِ ڪير سڃاڻندو به ڪونه. چيف جسٽس جي اهڙي حڪم کانپوءِ  انتظاميا ۽ پوليس صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، برنس روڊ ۽ عبدالله هارون روڊ سميت مختلف هنڌن تي لڳايل بئنرز حٽائي ڇڏيا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته جيڪي بئنرز رهجي ويا آهن، اهي به جلد لاٿا ويندا.

About

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *