آخر بلوچستان ۾ ٻين صوبن جا ماڻهو اهم عهدن تي ڇو ٿا مقرر ٿين؟؛چيف جسٽس ثاقب نثار

ڪوئيٽا( سنڌ سماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته، مونکي بلوچستان سان پيار آهي، جيڪي به پاڻمرادو نوٽيس ورتا آحن اُهي نيڪ نيتي تي تي ورتا آهن. ڪوئيٽا ۾ وڪيلن جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته، مونکي بلوچستان سان پيار آهي، هتي صحت ۽ تعليم جي حالت اننتهائي خراب آهي. تقريب کي خطاب ڪندي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته، آخرڪار اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن جو ٻين صوبن جا ماڻهو/آفيسر بلوچستان ۾ مقرر ڪيا وڃن ٿا، هتي ٻين صوبن جا ماڻهو نوڪريون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڻمرادا نوٽيسز عوامي مسئلن جي حل لاءِ وٺڻا پون ٿا، ڇو ته بنيادي حقن جو تحفظ ڪرڻ سپريم ڪورٽ جي ذميواري  آهي.

About

Check Also

وفاقي حڪومت پيٽروليم ڪمپنين کي 5 کان 10 سيڪڙو منافعو عوام کان اوڳاڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

وفاقي حڪومت مهانگائي جي ستايل عوام مٿان پيٽروليم ڪمپنين ۽ ڊيلرز کي 5 کان 10 …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *