Wednesday , January 22 2025

سنڌ

سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ ۽ مخالف ڌر هڪ ٿي ويا! وڏي وزير، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونن، پارلياماني سيڪريٽرين ۽ ايم پي ايز جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ 102 سيڪڙو تائين واڌ تي متفق

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي وڏي وزير، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، وزيرن، صلاحڪارن، خاص معاونن، پارلياماني سيڪريٽرين ۽ ايم پي ايز جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ 102 سيڪڙو تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. روڊ يا هوائي جهاز حادثي ۾ ڪنهن به ميمبر جي فوت ٿيڻ جي صورت ۾ وارثن کي 50 لک رپين تائين …

Read More »

سنڌ اسيمبلي جي غريب اسپيڪر، وزيرن ۽ ايم پي ايز جي پگهارن ۾ واڌ

سنڌ اسيمبلي جي غريب اسپيڪر، وزيرن ۽ ايم پي ايز جي پگهارن ۾ واڌ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن، وزيرن، وڏي وزير ۽ اسپيڪر جي مراعتن ۽  پگهارن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن جي  سفارش سنڌ اسيمبلي جي سليڪشن ڪميٽي ڪئي آهي. سليڪشن ڪميٽي وڏي وزير ۽ اسپيڪر جون پگهارون …

Read More »

چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ جو سنڌ جي زراعت ڏانهن رويو انتهائي غير ذميواراڻو آهي: سينيٽ فوڊ ڪميٽي

اسلام آباد: سينيٽ جي فوڊ سيڪيورٽي بابت ڪميٽي، سنڌ جي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو سخت نوٽيس ورتو آهي. سينيٽ جي فوڊ سيڪيورٽي ڪميٽي جو چوڻ آهي ته سنڌ زرعي صوبو آهي پر افسوس جو صوبي جي چيف سيڪريٽري جو زراعت ڏانهن رويو انتهائي …

Read More »

بدلي خلاف منع نامو ختم ڪيو: آءِ جي سنڌ – هاءِ ڪورٽ اي ڊي خواجا جي درخواست رد ڪري ڇڏي، 23 مئي تائين ڪم جاري رکڻ جي هدايت

جڏهن کان سنڌ حڪومت خدمتون وفاق حوالي ڪيون ۽ عدالت اهڙن حڪمن خلاف منع نامو جاري ڪيو آهي سنڌ حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ ممڪن ناهي رهيو، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سندس بدلي خلاف هلندڙ ڪيس جي ٻڌڻي دوران پنهنجي وڪيل شهاب اوستو معرفت …

Read More »

سيڪريٽري تعليم، تعليم کاتي ۾ ڀرتي ڪيل 130 هيڊماسترن جا ڪاغذ پٽ اڻپورا قرار ڏئي آفر آرڊر روڪي ڇڏيا

تعليم کاتي پاران 130 هيڊماسترن ۽ هيڊماسترياڻين جا دستاويز اڻپورا هجڻ سبب آفر آرڊرز روڪي ڇڏيا آهن، سيڪريٽري تعليم جو چوڻ آهي ته اميدوار آگسٽ مهيني کان پهريان ايڊيشنل سيڪريٽري لا سان رابطو ڪري دستاويز مڪمل ڪرائين. تعليم کاتي جي سيڪريٽري پاران ڪجهه ڏينهن پهريان هڪ هزار 39 هيڊ ماسترن …

Read More »

خورشيد شاهه! سکر جي سرڪاري اسپتالن ۾ آڪيسجن به ناهي – صحت کاتي جي صوبائي وزير به مامري جو ڪو نوٽيس نه ورتو

خورشيد شاهه جيڪو صحافين پاران سکر شهر جي تباهي بابت پڇيل سوالن تي چڙي ويندو آهي، سندس شهر جي اسپتالن جي حالت ان مان ظاهر ٿي وئي آهي ته، ڳورهاري عورت کي ڏورانهين علائقي کان چنگچي رڪشي ۾ سکر اسپتال آندو پي ويو ته هُن رڪشي ۾ ئي ٻار کي …

Read More »

گوادر ۾ شيهد ٿيل 9 پورهيتن مان 5 ڄڻن جا 16 ٻارڙا يتيم بڻجي ويا

گوادر ۾ شهيد ٿيل غريب پورهيت اٽڪل ڏيڍ مهينو اڳ مزدوري لاءِ گوادر ويا هئا، جن کي مقامي ٺيڪيدار خدابخش بروهي گوادر وٺي ويو هو. شهيدن جي وارثن ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو ته ڳوٺ محمد صديق لاکو مان اٽڪل 200 ماڻهو مزدوري لاءِ گوادر ويل آهن. گوادر ۾ واقعو …

Read More »

گوادر: هٿياربندن جي فائرنگ، ڪنڊيارو واسي 9پورهيت شهيد، شهيدن جا مڙھ اباڻي ڳوٺ پهچايا ويا

ڇنڇر ڏينهن اڻسڃاتل هٿياربندن گوادر جي هڪ هوٽل تي فائرنگ ڪري ڪنڊياري واسي 9 پورهيتن کي شهيد ڪري ڇڏيو. مقامي ماڻهن موجب هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 پورهيت ٿڏي تي شهيد ٿي ويا، جنهن بعد ٻين زخمين کي اسپتال نيو پي ويو ته اُهي رستي ۾ ئي شهيد ٿي ويا، جنهن …

Read More »

جشنِ ٿر ته ملهايو وڃي ٿو، پر ماڻهن وٽ ڪفن جا ڏوڪڙ به ناهن، آفيسرن جو ضمير مري چڪو آهي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾، خوراڪ جي کوٽ سبب مرندڙ ٻارڙن واري مامري/ڪيس جي ٻڌڻي دوران رماڪس ڏيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته، سرڪاري آفيسر ٿرپارڪر جي ماڻهن کي سهولتون مهيا ڪرڻ بدران اُتي تفريح لاءِ ٿر ويندا آهن. عدالت پنهنجي حڪم ۾ …

Read More »

زراعت کاتي ڏيڍ ارب رپين جي ڪرپشن، نجي ڪمپني پاران رڪارڊ ضايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي 2 جوابدار گرفتار

سنڌ سرڪار پاران ننڍن کاتيدارن کي سستي اگهه تي ٽريڪٽرن جي خريداري لاءِ رکيل فنڊز ۾ گهوٻيون هڻڻ واري مامري جي اينٽي ڪرپشن کاتي پاران جاچ تيز ڪئي وئي آهي. اينٽي ڪرپشن ٽيم ڊفينس واري علائي ۾ قائن هڪ نجي ڪمپني جي آفيس تي ڇاپو هڻي ٻن جوابدارن عامر ۽ …

Read More »