دادو ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ميهڙ ۾ قتل ڪيل يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قتل ڪيس ۾ نامزد سمورا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، مقتولن جي نياڻي اُم رباب چانڊيو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سنڌ حڪومت کي 2 جون تائين جو الٽيميٽم ڏيندي چيو …
Read More »اسان حڪومت دوران عوام جي ڀرپور خدمت ڪئي: مراد علي شاهه جو اسيمبلي ۾ الودائي خطاب
ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو آخري اجلاس ٿيو آهي، وڏي وزير چيو ته هن شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪوبه فرق نه ڪيو ۽ وفاق سان سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهيو آهي. وڏي وزير جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا …
Read More »آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه اسد دراني جو نالو اي سي ايل ۾ شامل
اسلام آباد( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزارت پاڪ فوج جي سفارش بعد آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ اسد دراني جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد دراني جو نالو انٽيگريٽيڊ بارڊر مئنجيمينٽ سسٽم ۾ شامل ڪيو …
Read More »جسٽس رٽائرڊ ناصرالملڪ نگران وزيراعظم نامزد، پ پ ۽ ن ليگ جو گڏيل اعلان
اسلام آباد (خصوصي نمائندو سنڌسماءَچار) ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق ٿي ويو آهي. پاڪستان جو نگران وزيراعظم، سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس، جسٽس رٽائرڊ ناصرالملڪ هوندو، وفاقي ڪابينا جو اعلان نگران وزيراعظم ڪندو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ مخالف ڌر جي …
Read More »ڪراچي جي بلديا ٽائون ۾ گهر کي باهه 7 گهر ڀاتي سڙي فوت
ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) ڪراچي جي بلديا ٽائون واري علائقي ۾ گهر کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 ٻارڙن سميت 7 گهر ڀاتي سڙي فوت ٿي ويا. بلديا ٽائون جي ملنگ ڳوٺ جي رهواسڻ ذهني مريض عورت پنهنجي ئي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي. باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت، …
Read More »گهوٽڪي ۾ جرڳائي وڏيرن عدالتي حڪم جون ڌڄيون اڏاري ڇڏيون، پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو 5 سالن کان دربدر
گهوٽڪي ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) گهوٽڪي ضلعي جي ڳوٺ الله بخش پتافي واسي نوجوان ۽ ناري پاران پسند جو پرڻو ڪرڻ تي برادري نفرتن کان بچي ناهن سگهيا. الله بخش پتافي ۾ پنج سال اڳ نوجوان غلام عباس پتافي ناري خانزادي سومرو سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن جو …
Read More »نگران وزيراعظم جو مامرو، ن ليگ ۽ پ پ ۾ معاملا سڌا ٿي ويا!!
ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت جي آئيني مدي مڪمل ٿيڻ ۾ صرف صرف پنج ڏينهن رهجي ويا آهن، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق ٿي ويو آهي، پي ٽي آءِ سميت مخالف ڌر جي ٻين پارٽين …
Read More »عام چونڊون 2018 اربع 25 جولاءِ تي ٿينديون
اسلام آباد(رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان جي 70 سالن جي تاريخ ۾ ٽيون ڀيرو قومي ۽ صوبائي اسيمبليون پنهنجو5 سالن وارو آئيني مدو پورو ڪري رهيون آهين، صدر ممنون حسين نئين عام چونڊن جي تاريخ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، 2018 جون عام چونڊون 25 جولاءِ تي ٿينديون. گذريل عام چونڊن …
Read More »مهراڻ هاءِ وي تي ٻن ڪارن ۾ ٽڪر، 6 ڄڻا فوت، 3 ڄڻا زخمي
فيض گنج ( رپورٽر سنڌسماءَچار) مهراڻ هاءِ وي تي ٻن ڪارُن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، علائقي واسين گاڏين مان فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ڪڍيو ويو. فوتين جا لاش ۽ زخمي کي ٺري ميرواهه اسپتال منتقل …
Read More »پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت جتوئي ڪرپشن ريفرنس داخل ٿيڻ بعد ضمانت ڪرائي ورتي
ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي خلاف نيب ڪرپشن ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، لياقت جتوئي گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ مان 19 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي، هاءِ ڪورٽ لياقت جتوئي کي هدايت …
Read More »