سراج رئيساڻي جي شهادت، پي بي 35 تي چونڊون ملتوي

اسلام آباد( رپورٽر سنڌسماءَچار) مستونگ ۾ آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ پي بي 35 جي اميدوار نوابزاده سراج رئيساڻي جي شهادت کانپوءِ چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا خان چيو آهي ته سراج سنجراڻي جي شهادت بعد پي بي 35 تي چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن. اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ هو ته، پي بي 35 تي چونڊن جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، جڏهن ته سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چونڊون ملتوي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

About

Check Also

ڪراچي صرف سنڌين، بهارين ۽ پٺاڻن جو نه پر سڀني جو آهي: ف ليگ اڳواڻ راشد شاهه راشدي

ڪراچي صرف سنڌين، بهارين ۽ پٺاڻن جو نه پر سڀني جو آهي: ف ليگ اڳواڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *