Saturday , April 19 2025

پاڪستان

جمهوريت ۾ جيتري طاقت ۽ برداشت هئي ايترو مشرف کي روڪي سگهياسين: خواجا سعد رفيق

اسلام آباد(رپورٽر   سنڌسماءَ چار) وفاقي وزير ۽ نواز شريف جي ويجهي ساٿي خواجا سعد رفيق اڻسڌي طرح اقرار ڪيو آهي ته، ن ليگ جي حڪومت پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪي نه سگهي، قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران تقرير ڪندي خواجا سعد رفيق چيو ته، جمهوريت ۾ جيتري طاقت …

Read More »

پرويز مشرف جو مڪمل ٽرائل ضرور ٿيندو: نواز شريف

اسلام آباد(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاناما ڪيس ۾ ناهل ٿيل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته، هڪ چونڊيل وزيراعظم کي نااهل ڪري عدالتن جون حاضريون ڀرايون پيون وڃن ۽ آئين ٽوڙيندڙ ڊڪٽيٽر مشرف رپورش آهي ته پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي. اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان …

Read More »

قانون واري کاتي ۾ من پسند ماڻهن جون ڀرتيون، سنڌ حڪومت کي نوٽيس

ڪراچي( سنڌسماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ قانون کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران قانون واري سيڪريٽري، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت من پسند ماڻهن کي قانون …

Read More »

چمبڙ ۾ پاڻي کوٽ خلاف کدڙي فقير آبپاشي عملدار بڻجي احتجاج

ٽنڊو الهيار ( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) چمبڙ ۾ چاڪر شاخ جي پوڇڙي جي آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف اڄ 5  ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. آبادگارن انور رند، مرڪ لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کدڙي فقير کي آبپاشي جو فرضي آفيسر بڻائي انوکو احتجاج ڪيو . ان …

Read More »

فيض گنج ۽ تنگواڻي سميت مختلف ڳوٺن ۾ هڪ ڏينهن دوران ارڙي وگهي 6 ٻارڙا فوت

فيض گنج/تنگواڻي( رپورٽرز   سنڌ سماءَ چار) سنڌ ۾ ارڙيءَ وگهي اڄ وڌيڪ 6 ٻارڙا فوت ٿي ويا، اوٻاوڙي ۾ 3 ٻارڙن، تنگواڻي ۾ وڌيڪ ٻن ۽ فيض گنج جي ڳوٺ رحمت چانگ ۾ به هڪ ٻار دم زنفگي جي جنگ هاري ويو. سنڌ ۾ ارڙيءَ تي اڃا تائين ضابطو اچي …

Read More »

نيب ٿاڻو بولاخان مان 10 هزار ايڪڙ زمين تان قبضا ختم ڪرائي ڇڏيا

ڪراچي ( سنڌ سماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب مختلف وقتن تي ڪارروايون ڪري پ پ ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر جي علائقي ٿاڻو بولا خان ۾ 10 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين تي ڪيل قبضا ختم ڪرائي زمين سنڌ حڪومت حوالي ڪري ڇڏي آهي. نيب ترجمان پاران ڪراچي مان جاري ڪيل …

Read More »

گورنر پاران رد ڪيل شيخ اياز يونيورسٽي بل سنڌ اسيمبلي مان ٻيهر منظور

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي ۾ معذورن کي بااختيار بڻائڻ، شيخ اياز يونيورسٽي جي قيام، خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي ملازمن کي پڪو ڪرڻ ۽ ڪاري موري ڪاليج حيدرآباد کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جا بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيا ويا آهن. بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت خرم شير زمان جي …

Read More »

مڪلي قبرستان ۾ مڙهه دفنائڻ تي پابندي: نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ حڪومت تاريخي مڪلي قبرستان ۾ ماڻهن جي تدفين ۽ قبرستان اندر گاڏين جي آمد تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت مڪلي قبرستان ۾ ماڻهن جي تدفين ۽ قبرستان اندر گاڏين جي آمد تي پابندي لاڳو ڪندي چيو …

Read More »

نئون ديرو مان گم ٿي ويل ڀاءُ ڀيڻ جو ڏس پتو نه پيو، جيجل امڙ کي بيهوشي جا دورا

لاڙڪاڻو/نئون ديرو( رپورٽرز     سنڌسماءَچار) نئون ديرو ۾کير وٺڻ لاءِ گهران نڪرڻ بعد پراسرار طور گم ٿيل نينگري ۽ سندس اڍائي سالن جي ڀاءُ جو ٻئي ڏينهن به پتو نه پيو، وارثن کير وڪرو ڪندڙ پاڙيسرين تي ٻار گم ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو واقعي جو …

Read More »

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ 84 سيڪڙو ٿي وئي، اڪثر علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ

سکر( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌو درياءَ جي ٽنهي بئراجن ۾ پاڻي جي کوٽ بدترين صورتحال اختيار ڪري وئي آهي، جنهن سب خريف جو فصل شديد متاثر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.  رپورٽ موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي کوٽ 85 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، بئراج وٽان پاڻي جي گهرج …

Read More »