ڪراچي ( سنڌ سماءَ چار نيوز) گلستان جوهر جي مختلف علائقن ۾ تيز ڌار واري اوزار سان حملا ڪري عورتن کي زخمي ڪندڙ جوابدار هڪ هفتو گذرڻ باوجود پوليس جي پڪڙ ۾ اچي ناهي سگهيو، جوابدار سنڌ پوليس کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ڪائونٽر ٽيررزم ڊيپارٽمينٽ / سي ٽي ڊي …
Read More »احتساب عدالت مريم نواز،حسن، حسين ۽ ڪئپٽن صفدر جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري
اسلام آباد ( خاص عيوضي سنڌسماءَچار) اسلام آباد جي احتساب عدالت نااهل ٿيل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم نواز، پٽن حسن، حسين نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن (ر) صفدرجي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي سندن ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. نواز شريف …
Read More »سڄي سنڌ ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش، هر طرف ياحسين جي گونجار
ڪراچي/گهوٽڪي/ لاڙڪاڻو/ فيض گنج (رپورٽرز سنڌ سماءَ چار) ڪربلا ۾ اسلام جي سربلندي لاءِ پنهنجيون جانيون قربان ڪندڙ امام حسين ۽ سندس ساٿين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ نڪتل ماتمي جلوس پنهنجي منزل تي پهچي نهر ٿي ويا، ماتمي جلوسن جي سڪيورٽي لاءِ انتهائي …
Read More »لنڊن صوفي فيسٽيول سوشل ميڊيا تي بحث ڇيڙي ڇڏيا
ڪراچي ( سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ لنڊن جي هڪ غيرسرڪاري تنظيم پاران 7 آڪٽوبر تي لنڊن ۾ رٿيل سنڌ صوفي فيسٽيول-2017 جو اعلان ٿيڻ بعد جلد ئي سماجي رابطن جي مختلف سائيٽس تي بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي. صحافين سميت سڄاڻ ڌريون ان معاملي تي ٻن …
Read More »ايس ڊي او سيپڪو ڏهرڪي جي مبينا زيادتين خلاف علائقي واسين جو احتجاج
گهوٽڪي (زوهيب ڪمال پٺاڻ – سنڌسماءَچار) سيپڪو ڏهرڪي جي ايس ڊي او خلاف علائقي واسين دانهيدي چيو آهي ته، بااثر ماڻهن کي بجلي چوري جي سهولت ڏئي عام ماڻهن لاءِ آزار ڪيو ويو آهي. ڏهرڪي جي ڀٽا پاڙي، ڪنڀرپاڙي، شيخ ۽ ڏهر پاڙي جي رهواسين ايس ڊي او ارشاد سيال …
Read More »سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ۾ ملوث آفيسر شاهي خلاف ڪارروائين تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي
ڪراچي(سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرز، نيب سان ڏيتي ليتي /پلي بارگين ڪندڙ آفيسرز خلاف ڪارروائين جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو آهي ته پلي بارگين ذريعي واپس ٿيندڙ رقم ڪيڏانهن وڃي ٿي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ۾ …
Read More »نون ليگ صوبن کي حق ڏيڻ بدران مليل اختيار واپس وٺڻ لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي
پاڪستان مسلم ليگ نون جي وفاقي حڪومت صوبن کي مليل اختيار مڪمل طور منتقل ڪرڻ بدران آئين ۾ مليل اهم اختيار به واپس وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ نون ليگ جي وفاقي سرڪار تيل ۽ گئس تان صوبن جو اختيار ختم ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهي …
Read More »بلوچستان کانسواءِ ملڪ اڻپورو آهي، ملڪ دشمن پاڪستان خلاف واويلا پيا ڪن:آرمي چيف
راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته بلوچستان کانسواءِ ملڪ اڻپورو آهي، رياست مخالف عنصر دشمن ايجنسين جي تعاون سان پروپئگنڊا ڪري رهيا آهن، آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آءِ ايس پي آر ڊائريڪٽوريٽ ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ 173 شاگردن …
Read More »سنڌ يونيورسٽي ۾ مبينا آپگهات ڪندڙ نائلا رند ڪيس: سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالتي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد، لڳ ڀڳ 10 مهينا اڳ سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ مبينا آپگهات ڪندڙ نائلا رند ڪيس جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج امجد علي ٻوهيو کي جاچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ يونيورسٽي جي وڪيل پاران …
Read More »نصرپور: شهيد تانيا قتل ڪيس جو وڌيڪ اهم جوابدار سانگهڙ مان گرفتار
نصرپور(سنڌسماءَچار نيوز) ڪوٽڙي پوليس جهانگارا ۾ شاگردياڻي شهيد تانيا خاصخيلي جي قتل ڪيس جو ٽيون مک جوابدار علي خان عرف عالي نوحاڻي کي سانگھڙ ڀرسان ڪيلن جي باغ مان سوگهو ڪري ورتو آهي. عالي نوحاڻي قتل ۾ ملوث هجڻ جو اعتراف به ڪري ورتو، خانو نوحاڻي خلاف به شاهد بڻجي …
Read More »