لاڙڪاڻو:چانڊڪا اسپتال ۾ ڪرپشن خلاف ڪارروائي ڪندڙ اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسرمعطل

Allam Din Bullo

ڪجهه ڏينهن اڳ اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو جي سرڪل آفيسر پاران چانڊڪا اسپتال جي اڳوڻي ايم ايس ۽ هڪ ٻئي بااثر عملدار کي ڪرپشن جي الزامن هيٺ گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو هو. اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين ان آفيسر کي تڪڙا حڪم جاري ڪندي کيس برطرف ڪري ڇڏيو آهي. اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين علم الدين بلو سرڪل آفيسر قاضي شرف الدين کي معطل ڪرڻ جو جواز ڄاڻائيندي معطل ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

اينٽي ڪرپشن کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين علم الدين بلو عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي لاڙڪاڻي جي سرڪل آفيسر قاضي شرف الدين کي معطل ڪري ڇڏيو  آهي.

پڌرائي موجب معطل ڪيل سرڪل آفيسر چانڊڪا اسپتال جي ٻن اڳوڻن ايم ايس ڊاڪٽر جاويد شيخ ۽ ڊاڪٽر شاهبيگ چانڊيو کي ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار ڪري جيل موڪليو، جڏهن ته شيخ زيد جي آفيس سپرنٽينڊنٽ الطاف سومرو کي گرفتار ڪري چالان ڪيو هو.

About

Check Also

سيپڪو، حيسڪو ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي، سنڌ جا127 ارب رپيا ٻڏي ويا؟

سيپڪو، حيسڪو جي نااهلي يا سنڌ حڪومت جو ڳٺ جوڙ، سنڌ جا 127 ارب رپيا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *