پاڪستان

مستونگ: سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري آپگهاتي حملي ۾ معجزاڻي طور بچي ويو، سندس ڊرائيور سميت 27 ڄڻا شهيد ۽ 40 ڄڻا زخمي

مستونگ ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين ۽ جي يو آءِ (ف) جي مرڪزي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري تي آپگهاتي بم حملي جي نتيجي ۾ 27 ڄڻا شهيد ۽ مولانا عبدالغفور حيدري سميت جي يو آءِ جا 40 ڪارڪن زخمي ٿي پيا. سمورن زخمين کي پهريان مستونگ جي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال …

Read More »

جشنِ ٿر ته ملهايو وڃي ٿو، پر ماڻهن وٽ ڪفن جا ڏوڪڙ به ناهن، آفيسرن جو ضمير مري چڪو آهي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾، خوراڪ جي کوٽ سبب مرندڙ ٻارڙن واري مامري/ڪيس جي ٻڌڻي دوران رماڪس ڏيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ چيو آهي ته، سرڪاري آفيسر ٿرپارڪر جي ماڻهن کي سهولتون مهيا ڪرڻ بدران اُتي تفريح لاءِ ٿر ويندا آهن. عدالت پنهنجي حڪم ۾ …

Read More »

گڏيل مفادن واري ڪائونسل: بجلي جي پيداوار، اگھ مقرر ڪرڻ ۽ ورڇ جو اختيار ڏيو- سنڌ ۽ ڪي پي ڪي

سنڌ ۽ ڪي پي ڪي سي سي آءِ جي نيپرا ايڪٽ ۾ ترميم جي روشني ۾ صوبن کي بجلي پيداوار، قيمتن جي تعين ۽ ورڇ جا اختيار گھري ورتا آهن، جنهن تي وفاق آئين تحت اختيار ڏيڻ تي راضپو به ظاهر ڪري ورتو آهي، نيپرا فيصلن خلاف مامرن جي شنوائي …

Read More »

ڊان ليڪس مامري جو ڊراپ سين، آءِ ايس پي آر پنهنجو 29 اپريل وارو ٽويٽ بيان واپس وٺي ڇڏيو – نورين لغاري دهشتگرد نه هئي ان لاءِ کيس استعمال ڪيو پي ويو: ميجر جنرل آصف غفور

وزيراعظم نوازشريف ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وچ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ تائين جاري رهندڙ ملاقات بعد ڊي جي آءِ ايس پي آر 29 اپريل وارو ٽويٽ واپس وٺي ڇڏيوآهي، ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته ٽويٽ يا پريس رليز ڪنهن شخصيت يا اداري جي خلاف نه پر …

Read More »

سنڌي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ وارو بل منظور

سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پيپلزپارٽي پاران پيش ڪيل قومي ٻولين واري بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پيپلز پارٽي جي سينيٽر عاجز ڌامراھ ۽ سسئي پليجو پاران پيش ڪيل بل کي متفقا طور تي منظور ڪري ڇڏيو آهي. پ پ جي سينيٽرز پاران پيش ڪيل بل …

Read More »

زراعت کاتي ڏيڍ ارب رپين جي ڪرپشن، نجي ڪمپني پاران رڪارڊ ضايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي 2 جوابدار گرفتار

سنڌ سرڪار پاران ننڍن کاتيدارن کي سستي اگهه تي ٽريڪٽرن جي خريداري لاءِ رکيل فنڊز ۾ گهوٻيون هڻڻ واري مامري جي اينٽي ڪرپشن کاتي پاران جاچ تيز ڪئي وئي آهي. اينٽي ڪرپشن ٽيم ڊفينس واري علائي ۾ قائن هڪ نجي ڪمپني جي آفيس تي ڇاپو هڻي ٻن جوابدارن عامر ۽ …

Read More »

امداد پتافي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ اسميبلي کي پنهنجي اوطاق بڻائي ڇڏيو…!

پ پ جي ايم پي اي ۽ صوبائي وزير امداد پتافي هڪ ڀيرو وري سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي عورت ايم پي اي سان مخاطب ٿيندي انتهائي اڻ وڻندڙ / غير پارلياماني ٻولي استعمال ڪئي آهي. امداد پتافي اهڙا لفظ استعمال ڪيا جيڪي، اجلاس جي صدارت ڪندڙ ڊپٽي اسپيڪر …

Read More »

سنڌ حڪومت پاران ننڍن کاتيدارن کي سستا ٽريڪٽر ڏيڻ واري اسڪيم جا 5780 ٽريڪٽر دل گهرين زميندارن حوالي

مختلف وقتن تي سستا ٽريڪٽرز حاصل ڪرڻ بابت هڪ اشتهار سنڌ سرڪار پاران ننڍن آبادگارن کي سستي اگهه تي ٽريڪٽرز خريد ڪري ڏيڻ ۾ مالي مدد واري اسڪيم ۾ هڪ ارب 40 ڪروڙ رپين جون مالي گهوٻيون هنيون ويون آهن، جنهن ڀانڊو ڦاٽي پيو آهي. رپورٽ موجب آبادگارن کي سستي …

Read More »

وڏي وزير انٽر جي امتحانن ۾ ڪاپي روڪرائڻ لاءِ ڪائونٽرٽيررزم ڊيپارٽمينٽ کي ذميواريون سونپي ڇڏيون – سي ٽي ڊي ڪاپي ڪرائيندڙ ٽولي جي 4 ڄڻن کي سوگهو ڪري ورتو

وڏي وزير انٽر جي امتحانن ۾ ڪاپي روڪرائڻ لاءِ ڪائونٽرٽيررزم ڊيپارٽمينٽ کي ذميواريون سونپي ڇڏيون – سي ٽي ڪاپي ڪرائيندڙ ٽولي جي 4 ڄڻن کي سوگهو ڪري ورتو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايمانداري سان انهن چئن ڄڻن کان پڇاڻو ٿيو ۽ ساڻن ڪا رعايت نه ٿي ته …

Read More »

شڪارپور: اينٽي ڪرپشن جي ڪارروائي، ناڻي کاتي جي ضلعي آفيس جو اڪائونٽس آفيسر گرفتار

شڪارپور ۾ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم ڪارروائي ڪري ناڻي کاتي جيڪب آباد ضلعي آفيس جي اڪائونٽس آفيسر قيصر هاشمي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي اڱاري ڏينهن لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ ورتو ويندو. اينٽي ڪرپشن پوليس جي سرڪل آفيسر عبدالوهاب ٻرڙو جي اڳواڻي …

Read More »