Sunday , February 23 2025

آدمشماري لاءِ ڪراچي شهر اندر پوليس تياريون شروع ڪري ڇڏيون

census-karachi

ڪراچي ۾ پوليس چيف مشتاق مهر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ گهر شماري ۽ آدمشماري ڪندڙن جي سيڪيورٽي لاءِ ٽيمون جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪراچي پوليس چيف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ٽنهي زونز جي ڊي آءِ جيز، ڊي آءِ جي سي آءِ ڊي ۽ ايس ايس پيز شرڪت ڪئي، جنهن دوران آدمشماري ۽ گهر شماري ۾ حصو وٺندڙن جي سيڪيورٽي جو جائزو ورتو ويو. ڪراچي پوليس چيف مشتا مهر گهر شماري ۽ آدمشماري ڪندڙن جي سيڪيورٽي لاءِ ٽيمون جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ملڪ جي ترقي ۾ آدمشماري جو اهم ڪردار هوندو آهي ۽ ان قومي فرض ۾ حصو وٺندڙن کي هر ممڪن سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. ملڪ جي ٻين حصن جيان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گهر شمار ۽ آدمشماري 15 مارچ کان شروع ٿيندي، جنهن لاءِ تياريون هلندڙ آهن

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *