آدمشماري لاءِ ڪراچي شهر اندر پوليس تياريون شروع ڪري ڇڏيون

census-karachi

ڪراچي ۾ پوليس چيف مشتاق مهر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ گهر شماري ۽ آدمشماري ڪندڙن جي سيڪيورٽي لاءِ ٽيمون جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪراچي پوليس چيف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ٽنهي زونز جي ڊي آءِ جيز، ڊي آءِ جي سي آءِ ڊي ۽ ايس ايس پيز شرڪت ڪئي، جنهن دوران آدمشماري ۽ گهر شماري ۾ حصو وٺندڙن جي سيڪيورٽي جو جائزو ورتو ويو. ڪراچي پوليس چيف مشتا مهر گهر شماري ۽ آدمشماري ڪندڙن جي سيڪيورٽي لاءِ ٽيمون جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ملڪ جي ترقي ۾ آدمشماري جو اهم ڪردار هوندو آهي ۽ ان قومي فرض ۾ حصو وٺندڙن کي هر ممڪن سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. ملڪ جي ٻين حصن جيان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گهر شمار ۽ آدمشماري 15 مارچ کان شروع ٿيندي، جنهن لاءِ تياريون هلندڙ آهن

About

Check Also

ايڪتا ثقافتي ڏينهن تي نوجوانن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪندڙ جاهل قرار

ان ڏينهن (7ڊسمبر آچي ڏينهن) ثقافتي ڏهاڙو هو، اوهان کي رمانڊ پيپر تي اِهو لکندي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *