Thursday , March 13 2025

آغاسراج دراني ۽ سنڌي اسيمبلي جي سيڪريٽري خلاف ڪرپشن جي جاچ شروع

آغا سراج دراني                                غلام محمد عمر ٻرڙو

اسلام آباد( رپورٽر  سنڌسماءَچار)  نيب پاران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پ پ جي سينئر اڳواڻ آغا سراج دراني جي آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي آهي. نيب ترجمان چيو آهي ته، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي غلام محمد عمر فاروق جي ڪرپشن جي جاچ ڪئي ويندي. آغا سراج دراني تي الزام آهي ته، سنڌ اسيمبلي جي نئين ٺهيل عمارت ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين سمورن منصوبن ۾ ڪرپشن ۽ آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ جا الزام آهن، جن جي جاچ ڪئي ويندي. انهن ٻنهي تي اهو به الزام آهي ته، هنن سنڌ اسيمبلي ۾ غيرقانوني طريقي سان نوڪريون ڏنيون، جنهن سان ميرٽ جي لتاڙ ٿي. ان سلسلي ۾ اهوبه معلوم ٿيو آهي ته آغا سراج دراني جا سمورا معاملا سنڀاليندڙ ڌڻي بخش عرف ڍولڻ کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.

About Asghar Azad

Check Also

چشما جهلم لنڪ ڪئنال وهي رهيو آهي، ڪوٽڙي وٽ شديد کوٽ

سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جو وهڪرو انتهائي درجي تائين گهٽجڻ ان سان گڏ سنڌ ۾ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *