اپوزيشن جا خدشا سچ ثابت، ن ليگ پاران وزيراعظم نواز شريف جاچ دوران جي آءِ ٽي آڏو پيش نه ٿنيدو

RAJA ZAFAR UL HAQ & NAWAZ

نواز ليگ جي سينيٽر ۽ سينيئر اڳواڻ راجا ظفر الحق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، اهو ڪن هن به حالت ۾ ضروري ناهي ته وزيراعظم نواز شريف پاناما ڪيس جي ، جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿئي، ان جا وڪيل پيش ٿيندا.

پاناما ڪيس جي وڌيڪ جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ پاران جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم (جي آءِ ٽي) جوڙڻ واري حڪم بعد پ پ ، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي سميت مخاللف ڌر جي مختلف پارٽين پاران وزيراعظم نواز شريف جي استعيفا جو مطالبو ڪري رهيون آهن. مخالف ڌر جي پارٽين جو مطالبو ان بيناد تي آهي ته وزير اعظم کان جي آءِ ٽي جا ميمبر سندس ماتحت هوندا جنهن جيڪري اهي کائنس پڇا ڳاڇا نه ڪري سگهندا.

اها ڳالهه ان وقت ثابت ٿي وئي جڏهن ن ليگ جي سينيٽر ۽ سينئر پارٽي اڳواڻ راجا ظفرالحق جو بيان سامهون آيو.

نواز ليگ جي سينيٽر ۽ سينيئر اڳواڻ راجا ظفر الحق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته، اهو ڪن هن به حالت ۾ ضروري ناهي ته وزيراعظم نواز شريف پاناما ڪيس جي ، جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿئي، ان جا وڪيل پيش ٿيندا.

About Asghar Azad

Check Also

وفاق جو سنڌ جي پاڻي تي مڪمل قبضو ڪرڻ جون تياريون، ” نيشنل رِوَر اٿارٽي“ قائم ڪرڻ تي غور

  ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي  سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت سنڌ جي پاڻيءَ تي مڪمل قبضو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *